جيڪب پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
عيد گاهه چوڪ وٽ سٽي ٿاڻي جي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو ٿي پيو.
مبينا مقابلي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري موج علي نندواڻي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻه ڏوهاري فرار ٿي ويا.
پوليس زخمي ڏوهاري موج علي نندواڻي کي سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ڏوهاري جي قبضي مان بغير لائسنس وارو هڪ پسٽل هٿ آيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدار خلاف غير قانوني پسٽل رکڻ ۽ پوليس مٿان فائرنگ ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.