جيڪب آباد ويجهو 6 پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ جوابدارن ۽ مغوي جي بازيابي لاءِ پوليس جو ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، پوليس شڪ جي بنيادتي 36 ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
پوليس اي پي سي چين ۽ بڪتر بند گاڏين ذريعي جاگير واري علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن دوران پوليس شڪ جي بنياد تي 36 ماڻهن کي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
ايس ايس پي سمير نور چنا جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري ۽ مغوي جي بازيابي تائين ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رهندو.
واضح رهي ته هڪ هفتو اڳ بلوچستان جي علائقي روجهاڻ جمالي مان ڏوهارين نوجوان فرقان سومري کي اغوا ڪيو هو، جنهن جي بازيابي لاءِ بلوچستان ۽ سنڌ پوليس پاران جيڪب آباد ويجهو جاگير واري علائقي ۾آپريشن ڪيو ويو هو، ڏوهارين جي فائرنگ ۾ بلوچستان پوليس جي هڪ انسپيڪٽر سميت 6 اهلڪار شهيد ٿيا ها.