شماريات کاتي جي چيف ڪمشنر ڊاڪٽر نعيم الظفر چيو آهي ته سنڌ حڪومت سان ڳالهائڻ لاءِ هو ست ڀيرا ڪراچي ويو، سياسي پارٽين سان به صلاح مشورا ڪيا ويا، جيڪو فرد جتي رهي ٿو اتي ئي ڳڻيو ويندو، آدمشماري جاري آهي، ملڪ کي هڪ لک 85 هزار 509 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي، صوبن کي 31 مارچ جي ڊي ڊي لائن ڏني هئي ته حدبندي ڪئي وڃي.
اسلام آباد ۾ محمد سروس گوندل سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نعيم الظفر چيو ته اسي لک گهر ڳڻيا ويا آهن، هاڻي ماڻهو ڳڻڻ وارو ڪم شروع ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته پهريون مرحلو صوبن کان بائونڊري فريز ڪرائڻو هو، صوبن مان اسٽاف کڻڻ ۽ تربيت ڏيڻ ٻيو مرحلو هو، نادرا ۽ اين ٽي ايس سڪيور نظام بڻايو.
شماريات کاتي جي چيف ڪمشنر چيو ته 201 بلاڪن ۾ امن امان سبب لسٽنگ ناهي ٿي، اهي بلاڪ فاٽا ۾ آهن، ڪراچي جي ٻه سئو بلاڪن ۾ به لسٽنگ ناهي ٿي، ڪراچي انتظاميا طرفان ڪجهه ڏکيائيون آهن، تقريبن 24 هزار بلاڪن ۾ لسٽن نه ٿي رهي آهي.
هن چيو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن لاءِ استادن کي واپس گهرايا، بعد ۾ ايڊهاڪ استاد فراهم ڪيا ويا.
نعيم الظفر چيو ته سنڌ حڪومت سان ڳالهائڻ لاءِ هو ست ڀيرا ڪراچي ويو، سياسي پارٽين سان به صلاح مشورا ڪيا ويا، جيڪو فرد جتي رهي ٿو اتي ئي ڳڻيو ويندو.
شماريات کاتي جي چيف ڪمشنر چيو ته لڪي مروت ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا آهن.