تازه ترين

جيڪڏهن اهڙا ئي فيصلا ٿيڻا آهن ته عدالتن کي تالا ڇو نٿا هنيا وڃن؟: حسن مرتضيٰ

پ پ اڳواڻ حسن مرتضيٰ چيو آهي ته جيڪڏهن اهڙا ئي فيصلا ٿيڻا آهن ته عدالتن کي تالا ڇو نٿا هنيا وڃن؟

نگران حڪومت طرفان اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي سزا معطلي تي جاري ڪيل بيان ۾ حسن مرتضيٰ چيو ته هو نوازشريف کي لاڏلو پلس ٿيڻ تي واڌايون ڏي ٿو.

هن چيو ته پنجاب جي نگران حڪومت طرفان نوازشريف جي سزا معطل ڪرڻ ڪريل طريقو آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته نگران حڪومت اهو ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو کيس نه ڪرڻ گهرجي، نگران سرڪار ڏوهارين کي رليف ڏيڻ نه پر شفاف چونڊون ڪرائڻ آئي هئي.

حسن مرتضيٰ چيو ته نوازشريف جي سزا معطل ڪرڻ نگران پنجاب ڪابينا جو ڪم ناهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته پنجاب جي جيلن ۾ پيل ڪيترن قيدين کي سزا معطل ٿي آهي؟ انوکو لاڏلو کيڏڻ لاءِ چنڊ گهرندو ته ڇا نگران حڪومت کيس چنڊ آڻي ڏيندي؟

حسن مرتضيٰ چيو ته نگران حڪومت کي ٻين قيدين جي سزا به معطل ڪرڻ گهرجي،ڇاڪاڻ ته انهن جو حق نوازشريف کان وڌيڪ آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
15.8 ° C
15.8 °
15.8 °
12 %
2.1kmh
4 %
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون