جي سيون ملڪن جي پرڏيھي وزيرن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ھلندڙ جنگ انساني بنيادن تي ختم ڪرڻ جي حمايت ڪئي آھي .
جاپان جي گادي واري شھر ٽوڪيو ۾ ٿيندڙ جي سيون ملڪن جي پرڏيھي وزيرن جي اجلاس بعد گڏيل بيان ۾ چيو ويو تھ ھو غزا جي خراب ٿيندڙ انساني بحران کي منھن ڏيڻ لاءِ ھنگامي ڪارروائي جي ضرورت تي زور ڏين ٿا .
اجلاس ۾ چيو ويو تھ ھو طور تي گھربل امداد، شھرين جي لڏپلاڻ ۽ سھولت فراھم ڪرڻ لاءِ انساني بنيادن تي جنگ بندي ۽ راھدريون کولڻ جي حمايت ڪن ٿا .
پرڏيھي وزيرن جي گڏيل بيان ۾ چيو ويو تھ سندن مطالبو آھي تھ 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملي بعد يرغمال بڻايل سمورن ماڻھن کي آزاد ڪيو وڃي .
جاپان جي پرڏيھي وزير يوڪو ڪاميوا چيو تھ گورپ جي ملڪن جو مڃڻ آھي تھ رياستي حل جو اصول وچ اوڀر ۾ تڪرار جو حل واحد بنياد آھي .
جي سيون ملڪن ايراني حڪومت کان بھ مطالبو ڪيو تھ ھو فلسطيني تحريڪ حماس ۽ لبناني حزب اللھ جي حمايت ختم ڪن ….