حيدرآباد ۾ مندر جي اسٽور روم ۾ عورت سان مبينا زيادتي ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس عورت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ زيادتي ڪرڻ جي الزام ۾ مندر جي پوجاري بهگت ڪرم چنڊ کي گرفتار ڪري ورتو.
فريادڻ جو چوڻ آهي ته هوءَ شِو مندر گهمڻ لاءِ وئي ته پوڄاري کيس بيهوش ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو.
هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آهي، جڏهن ته مختلف رخن کان خاچ ڪئي پئي وڃي.