حيدرآباد پوليس مقابلي دوران هڪ ڦوروءَ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته سائيٽ ٿاڻي جي حد اي ون چوڪ ويجهو پوليس ۽ ڦورن وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا.
پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار ڦورو جي سڃاڻپ رضوان عرف راجو جي نالي سان ٿي سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪري طبي امداد لاءِ اسپتال منقتل ڪيو ويو.
پوليس موجب، زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته فرار جوابدار جي گرفتاري لاءِ علائقي جي ناڪابندي ڪئي وئي آهي.