حيدرآباد پوليس هڪ ئي رات ۾ ٽن مقابلن دوران هڪ ڏوهاري کي مارڻ ۽ ٻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.
پوليس موجب، حيدرآباد پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته حالي روڊ ٿاڻي جي حد لال ٽانڪي آمريڪن ڪوارٽر ويجهو ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته سندس ٻيا ساٿي فرار ٿي ويا.
پوليس ترجمان موجب، مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ منور يوسفزئي جي نالي طور ٿي آهي.
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاريءَ جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته فرار ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
هوڏانهن سائيٽ ٿاڻي جي حد ٽنڊو محمد خان روڊ تي مقابلي دوران پوليس فيروز خانزادي نالي جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.
ان کان اڳ مڪي شاهه ٿاڻي جي حد فٽبال گرائونڊ ڀرسان مقابلي دوران پوليس هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي.
پوليس موجب، گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ فراز قريشي طور ٿي، سندس قبضي مان هٿيار هٿ آيو آهي، جوابدار تي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن.