حيدرآباد ۾ عمران خان جي گرفتاري خلاف نيشنل تي هاءِ وي تي احتجاج ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
احتجاج دوران گرفتار ٿيل پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف قاسم آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو.
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عوام ۾ خوف ۽ حراس ڦهلائڻ ۽ قومي شاهراهه بلاڪ ڪرڻ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
واضع رهي ته پوليس احتجاج ڪندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي 11 مرد ۽ 5 عورت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو هو.
گرفتار ٿيلن ۾ پي ٽي آءِ جو ڊويزنل صدر خاوند بخش جهيجو، ضلعي صدر ريحان راجپوت، علي هنڱورو، ولي محمد، شاهد حسين، محمد آصف، تيمور، ڪليم، سلمان، اسامه، سميع شيخ، سيما شيخ، قمر سلطانه، مهرالنساءِ، شبانه نواب ۽ افروز شورو شامل هئا.