حيدرآباد ۾ فورٽ ۽ پنڃاري ٿاڻي جي حدن ۾ مبينا پوليس مقابلن دوران ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب فورٽ ٿاڻي جي حد ريلوي ڪالوني ويجهو مقابلي ۾ عبدالسلام عرف سونو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
ساڳئي طرح پنڃاري ٿاڻي جي حد مسلم قبرستان ويجهو سراج نالي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس ترجمان موجب زخمي جوابدار جي قبضي مان هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.