حيدرآباد ۾ هڪ ئي رات ٽن ڌار ڌار مبينا پوليس مقابلن ۾ ٽن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ويئي آهي.
پوليس موجب فورٽ ٿاڻي جي حد ٽائر مارڪيٽ ويجهو پوليس مقابلي بعد جوابدار اجمل راجپوت کي گرفتار ڪيو ويو.
جڏهن ته سٽي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي بعد جوابدار سرور اوڏ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيو ويو.
ٻن پوليس مقابلن جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ڦليلي ٿاڻي جي حد ۾ ٽيون پوليس مقابلو سامهون آيو، جڙيل شاهه قبرستان ويجهو مبينا مقابلي ۾ يونس راجپوت نالي جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي.
پوليس موجب جوابدار جي قبضي مان هٿيار هٿ ڪيو ويو آهي.
پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ٽنهي جوابدارن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.