حيدرآباد ۾ وڪيل جو زبردستي گهر خالي ڪرائڻ جو پوليس ۽ انتظاميه خلاف ڪيس داخل ٿيڻ بعد 12 ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو.
جي او آر ٿاڻي تي وڪيل سليم الله شيخ جي فرياد تي مختيارڪار لطيف آباد، اسسٽنٽ مختيار ڪار، سپروائيزنگ تپيدار ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ ڪينٽ، هالي روڊ ۽ وومين ٿاني جي ٽن ايس ايڇ اوز کي به نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر ۾ وڪيل سليم الله شيخ موقف اختيار ڪيو آهي ته جي او آر ڪالوني ۾ بنگلو سي 10 سندس ڀاءُ ڪليم الله شيخ جي نالي تي الاٽ ٿيل آهي، سندس رهائش به ساڳي ڀاءُ جي بنگلي ۾ آهي، ڪمشنر حيدرآباد بغير ڪنهن نوٽيس جي الاٽمينٽ رد ڪري ڇڏي جنهن خلاف عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي.
هن وڌيڪ داخل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي باوجود مختيار ڪار ۽ پوليس زبردستي گهر جا دروازا ٽوڙيا ۽ عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري جان سان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي گهر مان ڪڍي ڇڏيو.
وڪيل سليم الله شيخ چيو ته پوليس ۽ انتطاميه گهر مان ڏيڍ لک روپيا ۽ ٽي تولا سونا زيور به کڻي فرار ٿي وئي.