حيدرآباد ۾ پوليس ڪارروايون ڪري غير قانوني طور ترسيل چئن افغانين کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ جي هدايت تي فورٽ ٿاڻي ۽ سٽي ٿاڻي جي حدن ۾ پوليس هوٽلن ۽ گيسٽ هائوسز تي ڪارروائي ڪري 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ جو چوڻ اهي ته غير قانوني ترسيل افغانين جي نيڪالي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.