سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حيدرآباد ۾ پوليس ۽ انتظاميه منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري 199 ڪيس داخل ۽ 144 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيدرآباد ۾ پوليس ۽ انتظاميا مين پڙي، گٽڪي ۽ ٻئي منشيات خلاف گرينڊ آپريشن جي شروعات ڪري ڇڏي.
سندس چوڻ هو ته پوليس ۽ ضلعي انتظاميا گذريل 36 ڪلاڪن ۾ آپريشن ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف سڄي ضلعي ۾ 119 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 144 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 12 هزار 225 ڪلو چرس، 750 آئس پيڪيٽس، 17 هزار 772 مين پڙيون، 67 هزار 123 گٽڪي جا پيڪٽس، 295 لٽر شراب جون بوتلون ۽ 127 پنٽس به هٿ ڪيون ويون آهن.
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته حيدرآباد ۾ منشيات جي وڪري خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، وڏي وزير جي نگراني ۾ هر ضلعي اندر آپريشن جاري رهندو.