حيدرآباد ۾ چاچن ۽ ڀائٽين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن.
راهوڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ موليڏنو ميربحر ۾ چاچن ۽ ڀائٽين ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي جي نتيجي ۾ عزيز الله پٽ دريا خان ٿڏي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب شعيب، تاج محمد، مشتاق ۽ عادل زخمي ٿيا
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
عزيز الله پٽ دريا خان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ملڪيت جي تڪرار تان چاچن ۽ ڀائٽين ۾ جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.