حيدرآباد ۾ 5ورهين جي ٻارڙي پاڻيءَ جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويئي.
نيو سٽي جي ڳوٺ خان محمد مغل ۾ 5 سالا ڪرن ڌيءَ وليد پير ترڪڻ سبب گهر جي ڀرسان قائم خانگي اسڪول جي پاڻي ٽانڪي ۾ ڪري پئي.
وارثن پاران ٻارڙيءَ کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال کڻائي آيا جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
فوتي ٻارڙيءَ جو لاش اسپتال ۾ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو.
هوڏانهن هٽڙي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي جو ڪنهن به اطلاع ناهي ڏنو.