حڪمران اتحاد عدالتي سڌارن بابت بئنچ کي تڪراري قرار ڏئي رد ڪندي پارليامينٽ جي خودمختياري تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اتحادي پارٽين جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته عدالتي سڌارن بابت بل تي بئنچ جوڙي پارليامينٽ کي اختيار استعمال ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي، پارليامينٽ خلاف منظم مهم هلائي پئي وڃي، سپريم ڪورٽ کي 8 رڪني بئنچ بابت پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ حڪمران اتحاد جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته عدالتي سڌارن بابت اڃا بل ٺهيو ناهي ۽ 8 رڪني بينچ جوڙي وئي سمورين پارٽين جو مطالبو ڪيو آهي ته فل ڪورٽ جوڙي وڃي.
سندس چوڻ هو ته جلدبازي ۾ درخواست داخل ٿي ۽ بينچ جوڙي وئي، اها پارليامينٽ جي قانون سازي جي اختيار ۾ ادارن جي مداخلت آهي ڪهڙو سبب هو بلوچستان ۽ ڪي پي جي ججن کي بينچ ۾ شامل ئي نه ڪيو ويو.
قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته عوام جي حق تي ٺاهه نه ڪيو ويندو، ڪنهن کي اختيار نٿو ڏئي سگهجي ته پارليامينٽ کي قانون سازي کان روڪي، سليڪٽيو بينچ ۾ سينيارٽي سمورن اصولن کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ پڪ اينڊ چوز ذريعي 8 رڪني بينچ جوڙي وئي.
هن چيو ته اداري ۾ ورهاست جو تاثر کلي ڪري سامهون اچي ويو آهي، اميد ته اڄ ئي بينچ ٽوڙي ويندي، قانون بڻجي وڃي ته عدالت ان جو جائزو وٺي سگهي ٿي، عدالتي سڌارن بابت بل اڃا پارليامينٽ منظور ڪيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ ٽيڪ اپ ڪري ڇڏيو.
اتحادي حڪومت ۾ شامل پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر الزمان ڪائرا چيو ته ڇا اوهان پارليامينٽ کي پنهنجي اختيار کان روڪڻ چاهيو ٿا، سمورين پارٽين پارليامينٽ جي اختيار لاءِ جدوجهد ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته اڄ هي بينچ جوڙي پارليامينٽ جي اختيار کي روڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جيڪا قبول ناهي، هو اڄ به چئي رهيا آهن ته بينچ جوڙڻ جو طريقيڪار درست ناهي.
پ پ اڳواڻ قمر الزمان ڪائرا چيو ته اڄ ضد ۽ انا جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، بينچ جي لسٽ ڏسڻ بعد ماڻهن جو ڇا تاثر هو جيڪڏهن اهڙي طرح هلندو ته هو ان کي قبول نه ڪندا.
اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ اڳواڻ ڪامران مرتضيٰ چيو ته کيس ڪيس فڪس ڪرڻ تي به حيراني ٿي ۽ بينچ جي ميمبرن تي به، جيڪا ڪيس هنن جنوريءَ ۾ فائل ڪيا هئا انهن تي اڃا تائين نمبر به ناهي لڳو، ٻئي پاسي اڃا قانون ٺهيو به ناهي ۽ ڪيس فڪس ٿي ويو.
اي اين پي جي اڳواڻ افتخار حسين چيو ته هر شخص کي سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته هي بينچ ڇو جوڙي وئي آهي، تازو ئي جڙندڙ ڪيترين ئي بينچز تي خدشا رهيا آهن، پارليامينٽ خلاف منظم مهم هلائي پئي وڃي، سندن فل ڪورٽ جي آئيني مطالبي تي عمل ڇو نه ڪيو ويو؟.سمجهه کان ٻاهر آهي ته سپريم ڪورٽ کي فل ڪورٽ جوڙڻ مان ڪهڙو خوف آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ هن وقت ڏکي حالتن مان گذري رهيو آهي، ڇا پي ٽي آءِ حڪومت کي آئيني طريقي سان هٽائڻ سندن ڏوهه آهي؟.
اي اين پي اڳواڻ افتخار حسين چيو ته پارليامينٽ پنهنجا اختيار استعمال ڪندي پنهنجي ذميواري پوري ڪندي رهندي، آئين ٺاهيندڙ بي اختيار ۽ تشريح ڪندڙ بااختيار ٿي وڃن ڇا اهو درست آهي؟، هاڻوڪي 8 رڪني بينچ جوڙڻ تي نظرثاني جو مطالبو ڪريون ٿا.
سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته ڪنهن معاملي تي وقت کان اڳ بينچ جوڙڻ ڪيئن قابل قبول ٿي سگهي ٿو؟، معاملي تي ڌرين لاءِ قابل قبول بينچ جوڙڻ وقت جي گهرج آهي.
اتحادي حڪومت جي اڳواڻ هاشم نوتيزئي چيو ته بدقسمتي سان ننڍن صوبن جي حقن کي نظر انداز ڪيو ويندو رهيو آهي، آئين جي ڀڃڪڙي نه عمل وقت جي ضرورت آهي.
وفاقي وزير امين الحق چيو ته اتحادي پارٽيون حڪومت سان گڏ بيٺل آهن، پارليامينٽ جي بالادستي تي ڪابه ٻي راءِ ناهي، اجتماعي دانش لاءِ فل ڪورٽ جوڙن وقت جي ضرورت آهي، عوام جي بهتري جي فيصلي جو اختيار پارليامينٽ وٽ آهي.