حڪومت ايل پي جي ھڪ ڀيرو ٻيھر مھانگي ڪري ڇڏي.
آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي مھانگي ڪرڻ بعد نوٽيفڪيشن جاري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي جو گھريلو سلينڊر 57 رپيا 70 پئسا مھانگو ڪيو ويو آھي، 11.8 ڪلو ايل پي جي سلينڊر جي نئين قيمت 2 ھزار 759 رپيا 89 پئسا مقرر ڪئي وئي آھي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آھي تھ ايل پي جي في ڪلو 4 رپيا 89 پئسا مھانگي ٿي آھي، ايل پي جي في ڪلو جي نئين قيمت 233 رپيا 88 پئسا مقرر ڪئي وئي آھي.