حڪومت تحريڪ انصاف جي مطالبي تي نو مئي واقعن تي عدالتي ڪميشن جوڙڻ کان انڪار

spot_img
حڪومت تحريڪ انصاف جي مطالبي تي نو مئي واقعن تي عدالتي ڪميشن جوڙڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ڳالهين واري ٽيم تحريڪ انصاف جي مطالبن جو جواب تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب، حڪومتي ڳالهين واري ٽيم تحريڪ انصاف جي مطالبن تي شق وار جواب تيار ڪري ورتو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي لکت  واري جواب ۾ چيو ويو آهي ته نو مئي واقعن تي عدالتي ڪميشن قائم نه ٿي ٺهي سگهي،  عدالتي ڪميشن اهڙن معاملن تي ٺهندي آهي جيڪي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ نه هجن. ذريعن موجب، نو مئي واقعن جا ڪيس عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، ڪجهه جوابدارن کي فوجي عدالتن مان سزائون به ملي چڪيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي لکت واري جواب ۾ پي ٽي آءِ کي چيو ويو آهي ته 26 نومبر تي گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ۽ گرفتار ماڻهن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن، گرفتار ماڻهن جا نالا ۽ تفصيل ملڻ تائين آزادي لاءِ قدم ڪيئن کڻي سگهجن ٿا؟. ذريعن موجب، حڪومتي جواب ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي دعويٰ آهي ته ماڻهو مارجي ويا آهن،  مارجي ويلن جا تفصيل به ڏنا وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي پنهنجو لکت ۾ جواب پيش ڪندي، اسپيڪر جواب ملڻ تي ڳالهين لاءِ چوٿين اجلاس جو فيصلو ڪندو………….

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.3 ° C
12.3 °
12.3 °
24%
1.2m/s
2%
اڱارو
14 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون