حڪومت توهين پارليامينٽ بابت رٿ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري ڇڏي، 24 رڪني پارلياماني ڪميٽي پارليامينٽ جي توهين جي جاچ ڪندي.
قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس دوران قومي اسيمبلي جي ميمبر رانا قاسم نون توهين پارليامينٽ بابت رٿ پيش ڪئي، اسپيڪر بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو.
بل جي متن موجب، پارلياماني ڪميٽي پارليامينٽ جي توهين تي ڪنهن به حڪومتي يا رياستي عهديدار يا آفيسر کي طلب ڪري سگهندي.
پارليامينٽ جي توهين تي 6 مهينن تائين قيد کان 10 لک رپيه ڏنڊ تائين سزا ڏني ويندي.
اجلاس کي خطاب ڪندي، وفاقي وزير جاويد لطيف چوڌري جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ باعزت ادارو آهي، هر ڪنهن کي احترام ڪرڻو پوندو، پارليامينٽ جي توهين ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجي.
قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته قانون ٺاهڻ ۽ تبديل ڪرڻ جو اختيار رڳو پارليامينٽ کي آهي.
اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته پارليامينٽ اهو اختيار اسٽينڊنگ ڪميٽين کي ڏنو آهي، قانون پاس ڪرڻ ۽ رد ڪرڻ جو حق هن ايوان جو آهي.
وفاقي وزير چيو ته جن ادارن کي آئين جي تشريح ڪرڻي آهي انهن کي ان ايوان جي تقدس جو به خيال رکڻ گهرجيهي تجويز ڪيل قانون تمام سٺو آهي. ۽ قانون سازي ڪرڻ گهرجي.