حڪومت تيل، گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ اضافي تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو، وفاقي حڪومت، آءِ ايم ايف جي شرطن تي ٻڌل مني بجيٽ جي تياري لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
حڪومت آءِ ايم ايف جو پروگرام ٽريڪ تي آ ڻڻ لاءِ معاهدي ۾ طئه ٿيل شرط پورا ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف مشن جي اچڻ کان اڳ اڪثر شرطون پوريون ڪيون وينديون، جنهن بعد مني بجيٽ جو مسودو قطعي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آ هي.
مسودي موجب لگزري شين تي اضافي ڊيوٽي لاڳو ڪئي پئي وڃي ۽ 70 ارب رپين تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز آهي.
ان کانسواءِ نان فائلرز جي بيڪنگ ٽرانزيڪشن تي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب روينيو قدمن بابت تجويزون ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان شيئر ڪيون ويون آهن، جنهن تحت روزانو 50 هزار رپين کان وڌيڪ بينڪ ٽرانزيڪشن تي ود هولڊنگ ٽيڪس غور هيٺ آهي.
ايف بي آر اختيارني موجب نان فائلرز تي ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان 45 کان 50 ارب رپيا آمدنيءَ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.