حڪومت زمان پارڪ کي دهشتگردن جو مورچو قرار ڏئي ڇڏيو، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته زمان پارڪ دهشتگردن جو مورچو آهي، عمران خان کان ڪير به پڇڻ وارو ناهي، عمران خان ملڪ کي ورهائي ۽ ٽڪرا ڪري رهيو آهي، عدالتن مان تحريڪ انصاف چيئرمين کي بنڊل پئڪيج ملي رهيا آهن، جيڪو پنهنجي نياڻيءَ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري تنهن جي چادر ۽ چوديواريءَ جو تقدس ڪهڙو هوندو، پي ٽي آءِ جي آءِ ايم ايف معاهدي سبب حڪومت پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي، عمران خان الزامن جو جواب ڏيڻ بدران ڀڃ ڊاهه پيو ڪري، حڪومت رياست، عدليه ۽ قانون جي محافظ آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس مريم اورنگزيب چيو ته حڪومت ڏينهن رات عمران خان جو معاشي گند صاف ڪري رهي آهي.
هن چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، حڪومت سندس صحيح ڪيل سخت شرطن سان آءِ ايم ايف سان ٻيهر ڳالهيون شروع ڪيون.
سندس چوڻ هو ته عمران خان چئن سالن تائين ملڪ تي مڙهيل رهيو، هن سياسي دهشتگرد بڻجي مخالفن کي جيل حوالي ڪيو.
مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت دوران ماڻهن جي مائرن ۽ ڀينرن کي گرفتار ڪيو ويو.
هن چيو ته عمران خان معيشيت کي تباهه ڪري ماڻهن کي بيروزگار ڪيو، ماڻهن جي وات مان گرهه کسيو.
سندس چوڻ هو ته عمران خان اٽو، کنڊ، گئس ۽ بجلي مهانگي ڪئي، تحريڪ انصاف چيئرمين اقتدار کسجڻ تي چريو ٿي ويو آهي، هي دهشتگرد آهي.
مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان فارين فنڊنگ، ٽيريان، توشا خانا ڪيسن ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته عمران خان ڪيسن ۾ جواب نه هئڻ تي سموري ملڪ ۾ باهه لڳائي رهيو آهي، عدالتي حڪمن تي عمل ڪندڙ پوليس تي حملو ڪيو ويو.
مريم اورنگزيب چيو ته ثابت ٿي ويو ته عمران خان جي حياتي کي خطري جو موقف جعلي آهي.