حڪومت طرفان عدالتي فيصلي کانپوءِ اعتماد جو ووٽ وٺڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن.
ذريعن موجب، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي ضمني ايجنڊا تيار رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ عدالتي فيصلي بعد اعتماد جي ووٽ جو فيصلو ٿيندو جڏهن ته سمورن حڪومتي ميمبرن کي اڄ ايوان ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو.
گذريل ٻڌڻي جي موقعي تي ٽه رڪني بينچ وزيراعظم وٽ اڪثريت نه هئڻ جي آبزرويشن ڏني هئي.
ذريعن موجب، وزيراعظم کي اعتماد جي ووٽ لاءِ به سادي اڪثريت لاءِ 172 ميمبرن جي ضرورت آهي جڏهن ته اعتماد جو ووٽ اوپن ووٽنگ ذريعي ورتو ويندو.