صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي صحي ڪرڻ کان انڪار بعد حڪومت عدالتي سڌارن بابت بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سومر ڏهاڙي طلب ڪري ورتو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي صحي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
بل صدر جي اعتراضن سان گڏ واپس پارليامينٽ کي ملي ويو.
صدر پاران بل تي صحي ڪرڻ کان انڪار بعد حڪومت عدالتي سڌارن بابت بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
وفاقي سرڪاري عدالتي سڌارن بابت بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس مان منظور ڪرائڻ لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سومر ڏهاڙي طلب ڪري ورتو.
پارليامينٽ مان منظوري کانپوءِ بل هڪ دفعو ٻيهر صدر عارف علوي کي اماڻيو ويندو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڏهن ڏينهن اندر صحي نه ڪئي ته بل پاڻمرادو قانون ٿي لاڳو ٿي ويندو.