حڪومت لائيٽ ڊيزل ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل سستو ڪري پيٽرول جي قيمت برقرار رکندي نوان اگهه مقرري ڪري ڇڏيا.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا، لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ 10 رپيا في لٽر سستو ڪيو ويو.
ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار تيل اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو.
اسحاق ڊار چيو ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا في لٽر گهٽٽائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نئين قيمت 288 رپيا في لٽر هوندي.
هن چيو ته پيٽرول تي اضافي جي تجويز هئي پر پيٽرول في لٽر قيمت 282 رپيا برقرار رکي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت 10 رپيا گهٽ ڪئي آهي، جنهن بعد قيمت 164 رپيا 68 پيسا في لٽر مقرر ڪئي وئي.
اسحاق ڊار چيو ته گاسليٽ جي قيمت ۾ به 10 رپيا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نئين قيمت 176 رپيا 7 پيسا في لٽر هوندي.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پيٽرول تي اضافي جي تجويز هئي پر قيمت برقرار رکي وئي، وزيراعظم شهباز شريف جي خواهش آهي ته عوام کي ملي.