حڪومت معيشيت بابت تحريڪ انصاف جي موقف کي رد ڪري ڇڏيو، وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني جو چوڻ آهي ته عمران خان چئن سالن دوران ملڪي معيشيت کي تباهه ڪيو، معاشي تباهي ۽ مهانگائي عمران خان جي نااهلي ۽ بدنيتي سبب آهي، تحريڪ انصاف چيئرمين دوست ملڪن سان سفارتي لاڳاپا خراب ڪيا، اقتدار ويندي ڏسي عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلال اظهر ڪياني چيو ته تحريڪ انصاف وارا معيشيت بابت ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، عمران خان چئن سالن ۾ معيشيت کي ڪمزور ڪيو، عوام پي ٽي آءِ دور ۾ ٿيل معاشي تباهي کي ناهي وساريو.
سندس چوڻ هو ته جڏهن عمران خان کي حڪومت ملي ته مهانگائي جي شرح 3 سيڪڙو هئي، عمران خان چئن سالن ۾ مستقل مهانگائي ۾ اضافو ڪيو، گذريل حڪومت 2 ڪروڙ ماڻهن کي غريب طرف ڌڪيو.
وزيراعظم جي معيشيت ۽ توانائي بابت ڪو آرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني چيو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهرن جو ڪوڙو واعدو ڪيو ويو پر ماڻهن کي بيروزگار ڪري گهر کسيا ويا، پي ٽي آءِ ملڪي قرض ۾ 78 سيڪڙو اضافو ڪيو، عمران حڪومت ملڪي تاريخ ۾ 4 خساري واريون بجيٽ ڏنيون.
هن چيو ته گذريل حڪومت بجلي جي گردشي قرضن کي 11 سئو مان 24 سئو ارب رپين تائين پهچائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ ملڪ کي ڏيوالو نڪرڻ جي ويجهو پهچائي ڇڏيو، موجوده معاشي تباهي عمران خان جي نااهلي سبب آهي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان اقتدار بچائڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، عمران خان سائفر جهڙي ڪوڙي پروپيگنڊا تي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پي ٽي آءِ فرنس ڪمپنين کي خوش ڪرڻ لاءِ سستي ايل اين جي خريد نه ڪئي.
وزيراعظم جي معيشيت ۽ توانائي بابت ڪو آرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني چيو ته پي ٽي آءِ اٽي ۽ کنڊ مافيا جا کيسا ڀرڻ لاءِ عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو، موجوده حڪومت ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو ۽ معيشيت کي بهتر ڪيو.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف 17 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڇڏيو، ن ليگ گذريل حڪومت ۾ امن امان بحال ڪيو، نواز شريف لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪري ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو.
وزيراعظم جي معيشيت ۽ توانائي بابت ڪو آرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني چيو ته ن ليگ قرض وٺي سي پيڪ جهڙا منصوبا لڳايا، عمران خان دوست ملڪن سان سفارتي لاڳاپا خراب ڪيا، موجوده حڪومت دوست ملڪن سان لاڳاپا ٻيهر مستحڪم ڪيا، حڪومت رياست بچائڻ خاطر سياست جي پرواهه نه ڪئي.