حڪومت هڪ دفعو ٻيهر ڪي پي ۽ پنجاب جي عام چونڊن بابت فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو ۽ ٽه رڪني بئنچ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪري ڇڏي، قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ کي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عام چونڊن بابت فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ عام چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن.
اسلام آباد ۾ پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته سڄي ملڪ ۾ عام چونڊون هڪ ئي وقت ٿيڻ گهرجن، آئين ۾ عام چونڊن جو طريقو طئي ٿيل آهي، اليڪشن ڪميشن بااختيار ۽ خودمختياري ادارو آهي، پاڻ پنهنجي معاملا ڏسي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پنجاب جي گورنر اسيمبلي ٽوڙڻ واري سمري تي صحي کان انڪار ڪيو، آئين موجب مقرر وقت بعد پنجاب اسيمبلي پاڻ ٽٽي وئي.
قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته اسيمبلي ٽٽي ئي تڪراري نموني سان هئي، ڪي پي ۽ پنجاب جي هائيڪورٽن ۾ عام چونڊن بابت درخواستون ٻڌڻي هيٺ آهن، سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس جي معاملي تي پارليامينٽ بل جي منظوري ڏني.
هن چيو ته پاڻمرادو نوٽيس تي 2 جج پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري چڪا آهن، راءِ ڏيندڙ ٻنهي ججن بينچ کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو، چونڊن بابت 184 ٿري تي ڪورٽ آرڊر آيو جنن پهريان سرڪلر ۽ پوءِ ڇهه رڪني بينچ رد ڪيو.
سندس چوڻ هو ته پهرين مارچ آيو ته سندن موقف هو ته ٽن جي ڀيٽ ۾ چار تان ڪيس خارج ٿيو، چئن ججن درخواستون خارج ڪيون ۽ ٻن ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪيو.
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف جي لاڳاپايل درخواست تي سپريم ڪورٽ کي فل ڪورٽ جي اپيل ڪئي جئي جنهن کي رد ڪيو ويو، عدالت ڪنهن به سياسي پارٽي جو موقف نه ٻڌو ۽ ڪنهن پارٽي کي ڪيس ۾ ڌر نه بڻايو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن فل ڪورٽ نه جوڙي وئي ته ملڪ ۾ سياسي ۽ آئيني بحران وڌي ويندو، سينيئر ججن کي بينچ کان پري رکيو پيو وڃي، وفاقي ڪابينا سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو.
قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته وفاقي ڪابينا جي راءِ هئي ته اڪثريتي فيصلي کي اقليتي فيصلي ۾ تبديل نه ڪيو وڃي، حڪومت سمجهي ٿي ته اهم قومي معاملي تي فل ڪورٽ فيصلو ڏئي ها ته بهتر هو.
هن چيو ته امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ماضي ۾ به چونڊن جي تاريخ تبديلي ٿي چڪي آهي، آئين موجب شفاف چونڊن لاءِ نگران حڪومتن جو هئڻ ضروري آهي.
قانون واري وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن پنجاب ۾ پهريان صوبائي چونڊون ڪرايون ويون ته قومي اسيمبليءَ جي چونڊ متاثر ٿي سگهي ٿي، عدالت ۽ حڪومت ۾ ٽڪراءَ جي صورتحال نه هئڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته ججن ۾ اتحاد نه هئڻ سبب اداري جي ساک متاثر ٿي رهي آهي، 13 رڪني فل ڪورٽ ويهي سمورا معاملا حل ڪري، ڪابينا اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو ورتو ويو.
اعظم نذير تارڙ چيو ته في الحال چونڊن لاءِ سازگار ماحول بابت ڪيترائي سوال جواب طلب آهن، ملڪ ۾ اڃا آدمشماري جو عمل به جاري آهي.
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته آئين موجب چونڊن جي شفافيت سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام اچڻ گهرجي، نون تڪراري اختلافن باوجود سٺا سياستدان ڳالهين سان مسئلا حل ڪندا آهن.