حڪومت پي سي بي جي مينيجمينٽ ڪميٽيءَ جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
وفاقي حڪومت طرفان ڊسمبر 2022ع ۾پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا معاملا هلائڻ لاءِ نجم سيٺي جي سربراهيءَ ۾ هڪ مينيجمينٽ ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن جو مدو 20 اپريل 2023ع تائين هو.
بين صوبائي رابطن واري وزارت جي سيڪريٽري طرفان وزيراعظم هائوس کي موڪليل سمري ۾ پي سي بي جا معاملا هلائڻ لاءِ ٻن کان چئن هفتن جي واڌ جي سفارش ڪئي وئي هئي.
وفاقي سرڪار سمري منظور ڪندي پي سي بي جي مينيجمينٽ ڪميٽيءَ جي مدي ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.