وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت ڳالهين لا تيار آهي، سندن ڪوشش آهي ته 26 اپريل تي ڳالهيون ٿين، عجيب فيصلو آهي ته سياستدان معاهدو ڪن ته اليڪشن اڳتي وڌائي ويندي، 14 مئي تي چونڊ ٿي ته ڪير قبول نه ڪندو.
فيصل آباد ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪا به صورتحال هئي اها عدالت سامهون رکي، سياسي جماعتن کي چيو وڃي ٿو ته ٻن ڪلاڪن ۾ فيصلو ڪري اچو.
وفاقي وزير چيو ته معاشي ۽ سياسي ڏکيائين مان گذري رهيو آهي، عمران خان ملڪ ۾دڦيڙ پکيڙي رهيو آهي.
هن چيو ته عمران خان جي ناقص پاليسين سبب ملڪ جي معيشيت تباهه ٿي .
سندس چوڻ هو ته عمران خان غيرقانوني طور تي اسيمبليون ٽوڙيون، آءِ ايم ايف سان معاهدي جا شرط اڃان پوريون ناهن ٿيون.
راڻا ثناءُا لله چيو ته حڪومت ٽيم جوڙي آهي جيڪا پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪندي، ڪوشش 26 اپريل تي ڳالهيون ٿين.
هن چيو ته 14 مئي تي عام چونڊون ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن، جيڪڏهن ٿيون ته ڪو به نتيجا قبول نه ڪندو.
وفاقي گهرو وزير چيو ته عدليه، فوج ۽ اليڪشن ڪميشن مڪمل طور تيار نه آهن، اهو بهتر ٿيندو ته عدليه جا 15 ئي جج گڏجي ويهن ۽ اتفاق سان ڪو فيصلو ڪن، ملڪي صورتحال ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران اليڪشن ٿيندي نظر نه اچي رهي آهي.
سندن چوڻ هو ته ٽه رڪني بئنچ جا فيصلا ايترا تڪراري ٿي رهيا آهن جو عدليه مان آواز پيا اٿن، عدالتي سڌارا لاڳو ٿيڻ کان اڳ ئي سپريم ڪورٽ جو آرڊر غير آئيني آهي.
راڻا ثناءَ الله چيو ته پارليامينٽ مان بل رد ٿيڻ کانپوءِ حڪومت وٽ اليڪشن ڪميشن کي رقم ڏيڻ جا به اختيار نه آهن.
هن چيو ته عمران خان جي فطرت ڳالهين واري ناهي، اهڙي قسم جي رويي سان ملڪ کي نقصان ٿيندو.