حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنهي وفدن وچ ۾ سڀاڻي 3 وڳي ٻيهر ڳالهيون ٿينديون، يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، مسئلن جو حل سياستدانن ئي ڪڍڻو آهي، سندن ڪا به ڊمانڊ ناهي.
اليڪشن واري معاملي تي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور ختم ٿي ويو.
عمران خان طرفان جوڙيل پي ٽي آءِ جي ٽي رڪني ڳالهين واري ڪميٽيءَ شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ حڪومت سان ڳالهين لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتي، پي ٽي آءِ وفد ۾ فواد چوڌري ۽ سينيٽر علي ظفر شامل آهن.
حڪومتي وفد ۾ پ پ اڳواڻ يوسف رضا گيلاني، اسحاق ڊار، نويد قمر، خواجه سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ، اياز صادق ۽ اسيمبلي ميمبر ڪشور زهرا شامل هئا.
ڳالهين دوران اليڪشن جي تاريخ سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويو.
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور ختم ٿي ويو آهي، جنهن ۾ ڪو به قطعي فيصلو نه ٿيو، پر ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ ۽ سڀاڻي ٻيهر گڏجي ويهڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
ڳالهيون ختم ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ٽي او آرز تي ڳالهيون ٿيون آهن، جنهن لاءِ سڀاڻي ٻيهر گڏجاڻي ٿيندي.
يوسف رضا گيلاني چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت آڏو پنهنجا مطالبا سڀاڻي رکندي، اڄ سٺي ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، اميد ته اهو سلسلو جاري رهندو، حڪومت طرفان ڪا به ڊمانڊ ناهي.