حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ فيصلائتيون ڳالهيون اڄ ٿينديون.
تحريڪ انصاف ۽ حڪومت ۾ ڳالهين جو فائنل رائونڊ اڄ ٿيندو، پارليامينٽ هائوس ۾ قطعي ڳالهيون ٿينديون، جنهن بعد حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهچندا.
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهيون صبح يارهين وڳي بدران رات نائين وڳي ٿينديون.
پي ڊي ايم بجيٽ پيش ڪرڻ تائين حڪومت برقرار رکڻ چاهي ٿي ۽ پي ٽي آءِ 14 مئي تائين حڪومت جي خاتمي جي خواهشمند آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان به چئي چڪو آهي ته 14 مئي تائين قومي اسيمبلي ٽٽڻ تي هڪ ئي وقت اليڪشن ٿي ويندي.
بريڪ ٿرو ٿي سگهي ٿو، آگسٽ جي آخر يا سيپٽمبر جي شروع ۾ عام چونڊن تي اتفاق ٿي سگهي ٿو، اتفاقِ راءِ ٿيڻ جي صورت ۾ پنجاب ۾ 14 مئي تي رٿيل چونڊون ملتوي ٿي وينديون.
موجوده اسيمبليون جون جي آخر ۾ بجيٽ منظور ڪرائي ٽوڙڻ تي اتفاق ٿي سگهي ٿو، ڳالهيون بنا ڪنهن اتفاق جي ختم ٿيڻ جي صورت ۾ ڳالهين وارو عمل پڄاڻيءَ تي پهچي سگهي ٿو.
حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ ٽيمن وچ ۾ ڳالهين جا ٻه دور ٿي چڪا آهن، حڪومتي ٽيم ۾ يوسف رضا گيلاني، اسحاق ڊار، نويد قمر، ڪشور زهرا، طارق بشير چيما ۽ اعظم نذير تارڙ شامل آهن.
شاهه محمود قريشي جي قيادت ۾ فواد چوڌري ۽ سينيٽر علي ظفر پي ٽي آءِ جي نمائندگي ڪري رهيا آهن.