خانپور ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ لوڊر رڪشا ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ لوڊر ڊرائيور فوت ۽ 10 ڄڻا زخمي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
انڊس هاءِ وي تي لڪڙا هوٽل ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ لوڊر رڪشا ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ غلام سرور بروهي تڏي تي دم ڏيئي ڇڏيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ ويٺل شاهزيب، سيف الله، علي نواز سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا جن کي خانپور ۽ شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ٻن زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت هئڻ سبب سکر اسپتال ريفر ڪيو ويو.
حادثي کانپوءِ مسافر ڪوچ جي اڳئين حصي ۽ لوڊر رڪشا کي باهه لڳي وئي، فائر برگيڊ پهچي باهه تي ضابطو آندو.
ٻڌايو پيو وڃي ته لوڊر رڪشا ڊرائيو سبزي کڻڻ لاءِ ڳوٺ کنڊو بروهي کان شڪارپور وڃي رهيو هوته ساڻس حادثو پيش آيو، سندس مڙهه اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.
هوڏانهن حادثي کانپوءِ مسافر ڪوچ جو ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر واقعي واري هنڌ تي فرار ٿي ويا.