تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

خانپور: ڳوٺ پير بخش شجراع ۾ ڌاڙيل ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

خانپور جي علائقي ڳوٺ پير بخش شجراع مان ڌاڙيلن هٿان 2 ڳوٺاڻا اغوا ٿي ويا جڏهن ته مغوين جي بازيابيءَ لاءِ وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي.

ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير بخش شجراع واسي زمين کي ڏيندڙ جعفري برادري جي ٽن ڄڻن الطاف، هزار خان ۽ عابد جعفري کي هٿياربندن هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا.

هٿياربندن رستي ۾ عابد جعفري کي ڇڏي ڏنو جڏهن ته الطاف جعفري ۽ هزار خان کي کڻي ويا.

مغوين جي وارثن ۽ جعفري برادري پاران پير بخش شجراع لاڙي وٽ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، اغوا، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

هنن چيو ته زمين کي ڏيندڙ الطاف ۽ هزار خان کي هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
25 %
2.5kmh
17 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون