تازه ترين

خانپور: ڳوٺ پير بخش شجراع ۾ ڌاڙيل ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا

خانپور جي علائقي ڳوٺ پير بخش شجراع مان ڌاڙيلن هٿان 2 ڳوٺاڻا اغوا ٿي ويا جڏهن ته مغوين جي بازيابيءَ لاءِ وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو آهي.

ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير بخش شجراع واسي زمين کي ڏيندڙ جعفري برادري جي ٽن ڄڻن الطاف، هزار خان ۽ عابد جعفري کي هٿياربندن هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا.

هٿياربندن رستي ۾ عابد جعفري کي ڇڏي ڏنو جڏهن ته الطاف جعفري ۽ هزار خان کي کڻي ويا.

مغوين جي وارثن ۽ جعفري برادري پاران پير بخش شجراع لاڙي وٽ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڌرڻي سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، اغوا، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

هنن چيو ته زمين کي ڏيندڙ الطاف ۽ هزار خان کي هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
27 %
4.9kmh
10 %
سُومر
26 °
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون