تازه ترين

خانپور: مغوي پوليس اهلڪار بازياب نه ٿي سگهيا

- Advertisement -
شڪارپور پوليس ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل اهلڪارن کي بازياب ڪرائي نه سگهي، ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ٽن اهلڪارن سميت پنج ڄڻا ٻئي ڏينهن به ڌاڙيلن وٽ قيد آهن ۽ مغوين جي بازيابيءَ لاءِ پوليس توڙي رينجرز جو علائقي کي ڪڙو برقرار آهي جڏهن ته سرڪار جي فرياد تي 40 جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. شڪارپور پوليس ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل اهلڪارن کي بازياب ڪرائي نه سگهي. ڪوٽ شاهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ ٽن اهلڪارن سميت پنج ڄڻا ٻئي ڏينهن به ڌاڙيلن وٽ قيد آهن. مغوين جي بازيابيءَ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جو علائقي کي ڪڙو برقرار آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس مهر بڊاڻي سان گڏ گرفتار ٿيل وزير علي جتوئي، سندس پٽ ۽ ڊرائيور کي آزاد ڪيو آهي پر ڏوهارين اڃا تائين اهلڪارن کي آزاد ناهي ڪيو. ذريعن موجب، ڏوهارين مطالبو ڪيو آهي ته مهر بڊاڻي کي آزاد ڪريو ته پوليس اهلڪارن کي آزاد ڪندا. رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي خانپور ٻڌايو ته پوليس گرفتار ٿيلن مان ڪنهن به آزاد ناهي ڪيو جڏهن ته اغوا ٿيل پوليس اهلڪارن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جلد اهلڪارن کي بازياب ڪرايو ويندو. اي ايس آءِ اڏيل جعفري جي فرياد تي 40 جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ دودو، ٻانهو، عبدالحق، جبار، غلام مصطفيٰ، پوپٽ، علي مراد، حضورو،  گامون بڊاڻي جتوئي ۽ شوڪت اوڳاهي سميت 14 سڃاتل ۽ 26 اڻسڃاتلن کي نامزد ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
26 %
1.4kmh
4 %
سُومر
26 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون