خزانو ڳولھڻ جي شوق ۾ مبتلا شخص کي اڍائي ڪلو سون ملي ويو.
آسٽريليا ۾ وڪٽوريا جي علائقي ۾ دڪاندار ڊيرن ڪيمپ کي ھڪ شخص اھو پٿر ڏنو، ھو سون جي ذخيري واري ھنڌ تان پنھنجي سر پاڻ ڪوشش ڪري رھيو ھو، ان ھنڌ کي گولڊن ٽرائينگل بھ چيو ويندو آھي.
ڳولا ڪندڙ شخص کي 4ڏھائي 6 ڪلو وزني پٿر ملي جنھن ۾ سون جا ٽڪڙا چنبڙيل ھئا، ڪل 2ڏھاي 6 ڪلو گرام سون سندس ھٿ لڳو جنھن جي ماليت 160000 امريڪي ڊالر آھي.
ڊيرن ٻڌايو تھ ھو ايترو سون ڏسي پريشان ٿيو ويو ۽ حياتي ۾ اھو ھڪ ڀيرو ٿيندڙ خوبصورت اتفاق آھي.
سون جي ان پٿر کي لڪي اسٽرايڪ نگٽ جو نالو ڏنو ويو آھي، جنھن شخص اھو پٿر ڳوليو ھو ان کان اڳ بھ ھڪ ٽڪرو کڻي آيو ھو جيڪو مٽي سان ڀريل ھو.
نالو ظاھر ڪرڻ واري سون ڳوليندڙ شخص جڏھن اھو پٿر ڏٺو تھ کيس ڪا بھ اميد نھ ھئي پر ان کي ٽوڙيو تھ اندارا پھرين ڌات ڏسڻ ۾ آئي پر اھو خوشي ۾ ان جو ھڪ حصو کڻي آيو ۽ بعد ۾ ٻيو ٽڪر بھ کڻي آيو.
سون جو پٿر ڳوليندڙ شخص ٻڌايو تھ ھن مائن ليب ڪمپني جو ميٽل ڊٽيڪٽر استعمال ڪيو ھو جنھن جي قيمت رڳو 8سئو ڊالر آھي.