تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

خواجا آصف هوائي حدن جي بندش سبب نقصانن جا تفصيل قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري ڇڏي

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف حق جي جنگ کانپوءِ هوائي حدن جي بندش سبب نقصانن جا تفصيل قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري ڇڏيا. خواجا آصف جو چوڻ آهي ته حق جي جنگ کانپوءِ سمورن ڀارتي جهازن جي پاڪستاني هوائي حدن جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي، ڀارت به پاڪستان لاءِ پنهنجون هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون. هن چيو ته پاڪستان طرفان پنهنجون هوائي حدون بند ڪرڻ سان روزانو 100 کان ڏيڍ سئو ڀارتي جهاز متاثر ٿيا، ڀارتي ايئر لائن لاءِ هوائي حدن جي بندش سبب پاڪستان ايئر پورٽس اٿارٽي کي 24 اپريل کان 30 جون تائين 4 ڏهائي هڪ ارب رپين جو نقصان ٿيو. بچاءَ واري وزير چيو ته 2019ع ۾ هوائي حدن جي بندش جي نتيجي ۾ 7 ڏهائي 6 ارب رپين جو نقصان ٿيو هو. خواجا آصف چيو ته هوائي حدن جي بندش سبب پاڪستان کي مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو، جڏهن ته قومي خودمختاري، دفاع ۽ ملڪ جو تحفظ سندن پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته هن وقت ڀارت کانسواءِ پاڪستان جون هوائي حدون سمورن ايئر لائنن لاءِ دستياب آهن، پاڪستاني ايئر لائنز ۽ جهازن تي به ڀارتي هوائي حدن ۾ اڏام تي پابندي آهي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون