خيرپور جي عدالت بدفعلي جي ٽن ڪيسن ۾ گرفتار جوابدار سارنگ شر کي باعزت بري ڪري ڇڏيو.
ڦورٿ ايڊيشن سيشن جج ثمينا منگي جي عدالت جوابدار سارنگ شر کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت جو چوڻ آهي ته سارنگ شر کي ڪنهن به قسم جون شاهديون نه ملڻ تي بري ڪيو ويو آهي.
سارنگ شر کي ٺري ميرواهه ۾ ٽن شاگردن سان بدفعلي کانپوءِ وڊيو وائرل ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.