خيرپور ۾ ضلعي انتظاميا طرفان ذخيرا اندوزن خلاف ڪاررواين دوران ڪڻڪ، ڀاڻ ۽ کنڊ هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي وئي آهي.
حساس ادارن جي عملدارن اسسٽنٽ ڪمشنر سيد محمد علي شاھ، اسسٽنٽ مختيارڪار شيراز ڦلپوٽو ۽ خوراڪ کاتي جي عملدارن سان گڏ مختلف دڪانن ۽ گدامن تي ڇاپا هنيا.
اسسٽنٽ ڪمشنر سيد محمد علي شاھه جو چوڻ آهي ته ڪاررواين دوران 700 سئو کان وڌيڪ ڪڻڪ جون ٻوريون، 12 سئو زرعي ڀاڻ جون ٻوريون ۽ کنڊ جا 480 ڪٽا هٿ ڪيا ويا آهن.
اسسٽنٽ ڪمشنر موجب، ڇاپا پرڪاش لال، ھريش لال، شملال ۽ نديم ٻرڙو جي دڪانن تي هنيا ويا جنهن کانپوءِ دڪاندارن جا لائسنس ضبط ڪيا ويا آهن.
اسسٽنٽ ڪمشنر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته غير معياري ۽ نقلي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي…..