تازه ترين

خيرپور: ڊي سي جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جي غير حاضر ملازمن خلاف ڪارروائي بابت اجلاس

خيرپور ضلعي اندر مانيٽرنگ اينڊ ايواليوشن يونٽ خيرپور پاران وزٽ دوران غيرحاضر تعليم کاتي جي ملازمن خلاف ڪاروائي جي سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ رفارمس اور سائيٽ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.

ڊپٽي ڪمشنر خيرپور سيد احمد فواد شاھه جي صدارت ۾ اجلاس ۾ چيف مانيٽرنگ آفيسر غلام علي طارق احمد، ڊپٽي ڊي او عبدالله جانوري ۽ ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر ايل ايس يو خيرپور منصور احمد ميمڻ سميت تعليم کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ چيف مانيٽرنگ آفيسر غلام علي طارق احمد ھڪ مھيني اندر وزٽ دوران استادن، ماسترياڻين ۽ عملي جي غير حاضر انگ اکرن بابت آگاھي ڏني.

غير حاضر رھندڙ ملازمن خلاف لاڳاپيل ڊي اي اوز کي ڪارروائي لاءِ ھدايتون جاري ڪيون ويون ۽ تعليم کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي غير حاضر ٿيندڙن ملازمن خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ  جمع ڪرائڻ جي  ھدايت  ڪئي.

چيف مانيٽرنگ آفيسر خيرپور غلام علي طارق احمد جو چوڻ آھي ته ھو ضلعي اندر اسڪولن ۾ اوچتو دورا ڪري ڊيوٽي تان غير حاضر رھندڙ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪري رھيو آھي ۽ سندس ٽيمون پڻ اسڪولن ۾ اوچتو وزٽ ڪري آن لائن حاضري وٺي رھيون آھن.

ھن چيو ته غير حاضري کي روڪڻ لاءِ ھن ادارن جي سربراھه کي ليٽر جاري ڪندي آگاھه ڪيو آھي ته ادارن جا سربراھه ملازمن جي موڪل جو اطلاع لاڳاپيل مانيٽرنگ اسسٽنٽ کي  اسڪول کلڻ کان اڳ ايس ايم ايس ذريعي  ڏين  ٻي صورت ۾  موڪل تي غور ويچار ڪرڻ بدران غير حاضر تصور ڪيو ويندو……

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
50 %
1.9kmh
5 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
14 °

تازه ترين خبرون