خيرپور ۾ مبينا پوليس مقابلن بعد ٽن زخمين سميت 7 ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ويئي آهي.
ايس ايڇ او شھيد غلام مرتضي ميراڻي ۽ فيض محمد ٻنڊو لنڪ روڊ، تي مبينا پوليس مقابلن بعد ٽن ڏوھاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن ۾ نادر شيخ ۽ ذوالفقار شيخ، نادر ناريجو شامل آهن.
جڏهن ته ٻين هنڌن تي ڪاررواين دوران 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
ايس ايس پي خيرپور موجب گرفتار ڏوھارين جي قبضي مان موٽرسائيڪل، گوليون ۽ پسٽل سميت روڪ رقم پڻ ھٿ ڪئي ويئي آهي.