دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن گوليون هڻي عورت کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
شهباز ڪالوني ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي عورت حليمان مير جت کي قتل ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
مقتولا جي پٽ ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدارن ارشاد، ذوالفقار، آصف ميرجت گوليون هڻي سندس والده کي قتل ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي، ٽي سال اڳ جوابدار ڌر جو نوجوان قتل ٿيو هو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.