دبئي ۾ ھڪ رھائشي عمارت ۾ باھھ لڳڻ سبب ٽن پاڪستاني شھرين سميت 16ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا ۽ 9ڄڻا زخمي ٿي پيا.
دبئي پوليس موجب، دبئي جي علائقي الرس ۾ رھائشي عمارت ۾ باھھ لڳي وئي.
باھھ لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽن پاڪستانين سميت 16ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا، فوت ٿي ويل پاڪستانين جو تعلق ھڪ ئي خاندان سان ھو.
شروعاتي جاچ موجب، عمارت ۾ باھھ کان بچاءَ ۽ حفاظتي رستي جو مناسب انتظام نھ ھو، باھھ لڳڻ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.