آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دشمن عوام ۽ فوج وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي سازشن ۾ سرگرم آهي، ظاهر ۽ لڪل دشمن کان بچڻو پوندو، ان لاءِ حقيقت ۽ شڪ ۾ فرق هجڻ گهرجي، رياست جو مرڪز عوام آهي، پهرين ۽ اهم ذميواري پاڪستان جي رياست سان وفاداري توڙي آئيني ڪردار سان وابستگي آهي.
پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ 147هين پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته سندن لاءِ عوام جي حفاظت ۽ سلامتي کان وڌيڪ ڪجهه به مقدس ناهي ڪو به فرض وطن جي حفاظت کان مٿانهون نه آهي.
هن چيو ته دشمن عوام ۽ فوج وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي سازشن ۾ سرگرم آهي، ظاهري ۽ لڪل دشمن کان بچڻو پوندو، ان لاءِ حقيقت ۽ شڪ ۾ فرق هجڻ گهرجي.
آرمي چيف چيو ته امن لاءِ سندن ڪوششن کي ڪنهن به صورت ڪمزوري نه سمجهو وڃي، وطن جي دفاع لاءِ ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻايو ويندو، پاڪ فوج پنهنجا فرض نڀائڻ لاءِ هر وقت تيار آهي.
جنرل عاصم منير چيو ته دشمن رياستي ۽ سماجي ڀائيچاري کي متاثر ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ ڪا به جاءِ ناهي.
آرمي چيف چيو ته افغانستان ۾ استحڪام سندن سلامتي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو، ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکي ويندي.
جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي بنيادي انساني حقن لاءِ سندن تاريخي جدوجهد ۽ حق خود اراديت لاءِ ساڻن گڏ بيٺل آهي، عالمي برادري کي ڄاڻڻ گهرجي ته ڪشمير مسئلي جي پرامن ۽ منصفاڻي حل کانسواءِ علائقائي امن نه ٿي سگهندو.