آمريڪي يو ٽيوبر جوڙي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ليپ تاپ تيار ڪري ورتو آهي، جنهن جي اسڪرين 43 انچن جي آهي.
دلچسپ شيون ٺاهيندڙ آمريڪي يوٽيوبر جوڙي ايوان ۽ ڪيٽلن طرفان تيار ڪيل ليپ ٽاپ جو وزن هڪ سئو پائونڊ يعني 45 ڪلو آهي.
ليپ ٽاپ جي تياريءَ ۾ ڳري ڌات واريون پليٽون استعمال ڪيون ويون آهن.
ليپ ٽاپ جو هيٺان وارو تختو پلائيءَ مان ٺاهيو ويو آهي، جڏهن ته هڪ ليور ذريعي ان جي اسڪرين کي گهمائي به سگهجي ٿو، جڏهن ته پاسا مضبوط ڪرڻ لاءِ پٽيون پڻ هنيون ويون آهن.
اِن ليپ ٽاپ جي ڪي بورڊ کي ري ڊريگن جي 605 مشيني بورڊ جو نالو ڏنو ويو آهي، جڏهن ته مائوس پيڊ جي جاءِ تي ٽيبليٽ جي جسامت جو هڪ هڪ ٽچ پيڊ لڳايو ويو آهي.
هي ليپ ٽاپ عام ڪمپيوٽر وانگر هلندو آهي پر وڏي اسڪرين جو مزو وٺندڙ گيمرز به ان کي ساراهيو آهي.
ليپ ٽاپ ۾ عام ليپ ٽاپ جو سرڪٽ ئي آهي پر اسڪرين لاءِ غير معمولي بجليءَ جي ضرورت پوي ٿي.
جوڙي پنهنجو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ لاءِ ليپ ٽاپ موڪليو آهي پر اڃا تائين کين ڪوبه جواب ناهي مليو.