پنهنجي مخصوص قد سان گڏ پيدا ٿيندڙ دنيا جي سڀ کان ننڍي ڪـُتـِي پنهنجو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ داخل ڪرائي ورتو.
گنيز ورلڊ رڪارڊز موجب ان ڪـُتـِي جو تعلق “چيهوهائو نسل سان آهي ۽ ان سندس نالو پرل آهي جيڪا ايتري ننڍي آهي جو کيس کيسي ۾ وجهي سگهجي ٿو.
پرل جو قد ڪنهن ٽي وي جي ريموٽ ڪنٽرول کان به ننڍو آهي جيڪو کيس ٻين کان مختلف بڻائي ٿو.
ٻن سالن جي ڪـُتـِيءَ جو قد 9.14 سينٽي ميٽر آهي ۽ سندس وزن 553 گرام آهي.
گنيز ورلڊ رڪارڊز موجب پرل کان اڳ ان ئي نسل جي هڪ ڪتي به گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرايو هو پر هاڻي اهو زنده نه آهي.