پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دنيا موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏئي رهي آهي، خطي جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
تاشقند ۾ اقتصادي سهڪاري تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 26 هين اجالس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن تي ڌيان ڇڪائيندي چيو ته هن وقت دنيا کي موسمي تبديلين جهڙا مسئلا سامهون آهن.
هن چيو ته 2022 ۾ پاڪستان کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ سان منهن ڏيڻو پيو جنهن لاءِ کنيل قدم سندن مستقبل طئي ڪندا، کين اڃان به تمام گهڻا قدم کڻڻا آهن.
پرڏيهي وزير خطي ۾ امن امان جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته هو مسئلن جي حل لاءِ سمورن ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿو، هن وقت عالمي سطح معاشي، موسمي اسلامو فوبيا جهڙا مسئلا سامهون آهن.
بلال ڀتو زرداري چيو ته خطي ۾ امن پاڪستان لاءِ اڻٽر آهي، مسئلن جي حل لاءِ سمورا ملڪ گڏجي ڪم ڪن.