آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن لاءِ رياست جي عملداري تسليم کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي، شدت پسندن سان ڳالهين جو نتيجو وڌيڪ ٽولن جي صورت ۾ سامهون آيو، ان سلسلي ۾ روزانو جي بنياد تي ڳجھي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن جاري آهن، عوا طاقت جو مرڪز عوام آهي، انهن جي راءِ پارليامينٽ ۽ آئين آهي.
قومي اسيمبلي جي قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي ان ڪيمرا اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان گڏ فوجي اختيارين به شرڪت ڪئي.
آرمي چيف جي آمد تي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي، جڏهن ته فوجي اختيارين ملڪ جي سڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني.
ذريعن موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير آئين کي 50 سال مڪمل ٿيڻ تي پارليامينٽ ۽ ميمبرن کي واڌايون ڏنيون.
جنرل عاصم منير چيو ته طاقت جو مرڪز عوام آهي، جيڪو پنهنجي راٰءِ آئين ۽ پارليامينٽ ذريعي استعمال ڪري ٿو.
آرمي چيف چيو ته اعليٰ حاڪميت الله جي آهي، ان جي حڪم سان ئي آئين کي اختيار مليو آهي، آئين چوي ٿو ته اختير عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي استعمال ٿيندو.
جنرل عاصم منير 1973ع وارو آئين ٺاهيندڙن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
هن چيو ته هي نئون آپريشن ناهي، پر هول آف نيشنل اپروچ آهي، هي عوام جي اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن ۾ رياست جا سمورا عنصر شامل آهن.
آرمي چيف چيو ته الله جي فضل سان پاڪستان ۾ ڪو به نوگو ايريا ناهي رهيو.
جنرل عاصم منير چيو ته ان ڪاميابيءَ پويان شهيدن ۽ غازين جو وڏو انگ آهي، شهيدن ۽ غازين پنهنجي رت سان وطن جي حفاظت ڪئي.
آرمي چيف چيو ته هيءَ هڪ ڪمپني آهي جيڪا پاڪستان کان اڳ منظور ٿيل ۽ جاري اسٽريٽجي ڊائلاگ توڙي ڊولپمينٽ تي ٻڌل آهي.
هن چيو ته ان مهم ۾ سڪيورٽي ادارن کانسواءِ حڪومت جا سمورا عنصر شامل هوندا.
جنرل عاصم منير چيو ته دهشتگردن لاءِ رياست جي عملداري تسليم کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي، شدت پسندن سان ڳالهين جو نتيجو وڌيڪ ٽولن جي صورت ۾ سامهون آيو.
آرمي چيف چيو ته ملڪ ۾ جٽادار امن لاءِ سڪيورٽي فورسز پرعزم آهن، ان سلسلي ۾ روزانو ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن جاري آهن.