دوداپور ڀرسان ڏاهاڻي-ڪٽوهر تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، هٿياربندن گوليون هڻي پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو.
پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد گهر پنهنجا ۾ هٿياربندن چڙهائي ڪري 60 ورهين جي پيرسن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
اطلاع تي حد جي پوليس پهچي مقتول فتح الله ڪٽوهر جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.
واضع رهي ته جهيڙي سبب هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا مجموعي طور تي6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن جن ۾ ٽي ڪٽوهر ۽ ٽي ڏاهاڻي شامل آهن.