تازه ترين

دوست ملڪن سان رابطا مضبوط بڻائڻ جي مشن لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهچي ويو

دوست ملڪن سان رابطا مضبوط بڻائڻ جي مشن لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي.

ايئر پورٽ تي رياض جي ڊپٽي گورنر پرنس محمد بن عبدالرحمان وزيراعظم شهباز شريف جو آڌرڀاءُ ڪيو.

ان موقعي تي پاڪستاني سفير احمد فاروق به وفد جي آجيان ڪئي.

وفد ۾ ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، بچاءَ وارو وزير خواجا آصف، پيٽروليم وارو وزير مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال، عبدالعليم خان، عطا تارڙ ۽  ٻيا شامل آهن.

وزيراعظم شهباز شريف فيوچر انويسٽمينٽ انشيٽيو سمٽ ۾ عالمي اڳواڻن سان سيڙپڪاري جي موقعن بابت ڳالهيون ڪندو.

شهباز شريف فيوچر انويسٽمينٽ انشيٽيو سمٽ ۾ مصنوعي ذهانت، روپوٽڪس، تعليم، توانائي، صحت ۽ ٻين معاملن بابت ڳالهيون ڪندو.

وزيراعظم جٽادار ترقي بابت دنيا کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل بابت ڳالهيون ۽ صلاح مشورا ڪندو.

وزيراعظم شهباز شريف سمٽ ۾ خطاب به ڪندو.

وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات پڻ ڪندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون