قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ جي آڊيو ليڪ جي جاچ لاءِ خاص ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر طرفان قائم ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي سربراهي محمد اسلم ڀوتاڻي کي ڏني وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ شاهده اختر علي، محمد ابوبڪر، چوڌري برجيس طاهر، شيخ روحيل اصغر، سيد حسين طارق، ناز بلوچ، خالد حسين مگسي، وجيهه قمر ۽ ڊاڪٽر محمد افضل خان شامل آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽي پنهنجي جاچ ۽ انڪوائري جي سلسلي ۾ ڪنهن به تحقيقاتي اداري کان مدد وٺي سگهندي ۽ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندي.
واضح رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پٽ نجم ثاقب جي آڊيو سامهون آئي هئي جنهن ۾ هو پي ٽي آءِ جي چونڊ ٽڪيٽ ديارڻ جي بدلي هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا گهري رهيو آهي.